ڪراچي جي مقامي عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ حسين لوائي ۽ طحه رضا جي جسماني رمانڊ ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي جي مقامي عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ حسين لوائي ۽ طحه رضا جي جسماني رمانڊ ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، ايف آءِ اي پاران جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد حسين لوائي ۽ طحه رضا کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

حسين لوائي ۽ طحه رضا کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪرڻ تي سندن وڪيل پاران اعتراض ڪيو.

ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت کي استدعا ڪئي ته حسين لوائي ۽ طحه رضا کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي، تنهن ڪري سندن جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي.

عدالت ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر جي استدعا منظور ڪندي جوابدارن کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.

عدالت ۾  حسين لوائي ۽ طحه رضا کي هٿڪڙيون هڻي پيش ڪرڻ تي سندن وڪيلن اعتراض ڪيو.

وڪيل  دليلن ۾ چيو ته حسين لوائي ۽ طحه رضا عادي ڏوهاري ناهن جو کين هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، حسين لوائي 90 سالن جو پيرسن آهي هو ڀڄي نٿو سگهي، اسان ضمانت ڏيون ٿا.

هنن دليلن ۾ چيو ته جوابدار رائو انوار کي بغير هٿڪڙين جي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو پر حسين لوائي کي هٿڪڙيون هڻي پيش ڪرڻ ناانصافي آهي.

صفائي واري وڪيل دليلن ۾ چيو ته 2015 ۾ ختم ٿيل انڪوائري کي ٻيهر 2018 ۾ کوليو پيو وڃي، ماڻهن جو بئنڪ تان اعتماد ختم ٿي ويندو، ملڪ ۾ بئنڪ جون 1900 برانچون آهن، اهي تباهه ٿي وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*