ايف آءِ اي ڪراچي جي طلبي واري نوٽيسز تي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا وڪيل پيش ٿيا

ايف آءِ اي ڪراچي جي طلبي واري نوٽيسز تي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا وڪيل پيش ٿيا، مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جواب داخل ڪرڻ لاءِ 31 جولاءِ تائين مهلت گهري ورتي آهي.

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا وڪيل بئريسٽر شيراز راڄپر ۽ ٻيا ايف آءِ اي وٽ پيش ٿيا.

وڪيلن ايف آءِ اي جي جاچ ڪميٽي اڳيان موقف پيش ڪيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر چونڊ مهم جي سلسلي ۾ شهر کان ٻاهر آهن، تنهن ڪري پيش نه ٿيا آهن.

وڪيلن چيو ته مني لانڊرنگ جو الزام 2014 جو آهي، جواب داخل ڪرائڻ لاءِ 31 جولاءِ تائين مهلت ڏني وڃي.

ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پيش ٿيڻ لاءِ گذريل ڏينهن آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري ڪيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*