سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان گم ٿيل ٻارن جي بازيابي بابت آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪندي درخواستن جي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان گم ٿيل ٻارن جي بازيابي بابت آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪندي درخواستن جي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ۾ درخواستن جي ٻڌڻي دوران گم ٿيل ٻارن جا وارث پيش ٿيا.

 عدالت پوليس جي پيش ڪيل رپورٽ کي رد ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته ٻارن جي بازيابي کي يقيني بڻايو وڃي.

درخواستگذارن جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته معاملي جي سار سنڀال لاءِ ايس ايس پي ليول جو آفيسر هئڻ گهرجي.

وڪيل دليلن ۾ چيو ته 10 ٻار بازياب ٿيا آهن، اڃا 12 ٻار گم آهن، سندن وارثن سان ٿاڻن ۾ بدسلوڪي ڪئي پئي وڃي.

عدالت ٻارن جي بازيابي بابت آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪندي درخواستن جي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*