باڊهه ۾ اسلم تيوڻو کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ واري واقعي خلاف وارثن پاران پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

باڊهه ۾ اسلم تيوڻو کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ واري واقعي خلاف وارثن پاران پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

تيوڻا برادري جي عورتن مسمات روزينا، شمشادخاتون، زليخان خاتون ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته پوليس بااثر جي چوڻ تي اسلم تيوڻو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، ۽ بازيابي لاءِ رشوت گهري رهيا آهن.

هنن خدشو ظاهر ڪيو ته ايس ايڇ او ۽ منشي کي رشوت نه ڏيڻ تي نوجوان کي ڪوڙي مقابلو ڄاڻائي کڻي ماري نه ڇڏي.

هنن ڊي آءِ جي ، ايس ايس پي ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته گم نوجوان کي آزاد ڪري ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*