نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته ڇا 5لک روپين جي ڪم تي 5 ڪروڙ خرچ ڪرڻ بابت سوال پڇڻ ڪهڙي گستاخي آهي

نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته ڇا 5لک روپين جي ڪم تي 5 ڪروڙ خرچ ڪرڻ بابت سوال پڇڻ ڪهڙي گستاخي آهي، ڪرپشن چئني صوبن ۾ ٿي، هر هنڌ وسيلن آڌر ڦرلٽ ڪئي وئي، هاڻي احتساب مٿين سطح کان شروع ٿيندو.

ڪوئيٽا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين چيو ته مشتاق رئيساڻي صوبي جي وسيلن تي ڌاڙو هنيو هو، احتساب ٿيندو ته سڀني جو ٿيندو، نه ٿيو ته ڪنهن جو نه ٿيندو.

هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن بلوچستان ۾ ٿي، ايم اين ايز، ايم پي ايز فنڊز خرچ نه ٿيا، جڏهن ته مشتاق رئيساڻي صوبي جي وسيلي تي ڌاڙو هنيو هو.

نيب چيئرمين چيو ته، نيب تي ڪوڙا الزام مڙهيا پيا وڃن، ادارو ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جاکوڙ جاري رکندو، هاڻي احتساب مٿين سطح کان شرو ٿيندو.

جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته پاڪستان تي 90 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض آهي، ڪرپشن ناسور نه پر ڪينسر آهي، جنهن جو خاتمو اڻٽر آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*