اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي چونڊ مهم جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو دهشتگردن کي نٿو سڃاڻي پر دهشتگرد کيس سڃاڻين ٿا

اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي چونڊ مهم جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو دهشتگردن کي نٿو سڃاڻي پر دهشتگرد کيس سڃاڻين ٿا، جيڪڏهن ڪنهن کي وڙهڻو آهي ته سامهون اچي.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسفند يار ولي هارون بلور جي شهادت جي حوالي سان چيو ته پهريان سندس والد شهادت ماڻي ۽ هاڻي پٽ به دهشتگردن هٿان شهيد ٿي ويو.

اسفند يار ولي چيو ته دهشتگرد حملا سندن حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، هو چونڊ مهم جاري رکندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ اسفند يار ولي چيو ته هي امپائر نه پر دهشتگردن جو ڪم آهي، هي ماڻهو جيڪو ڪري رهيا آهن، ڪندا رهن، اي اين پي عام چونڊن ۾ ميدان نه ڇڏيندي.

واضح رهي ته گذريل رات پشاور جي علائقي يڪه توت ۾ آپگهاتي بمبار عوامي نيشنل پارٽي جي ڪارنر ميٽنگ دوران پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ اي اين پي اميدوار هارون بلور سميت 20 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*