لاهور هاءِ ڪورٽ منشيات جي خاتمي واري عدالت کي ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي خلاف ايف ڊرين ڪيس جو فيصلو 21 جولاءِ تي ٻڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

لاهور هاءِ ڪورٽ منشيات جي خاتمي واري عدالت کي ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي خلاف ايف ڊرين ڪيس جو فيصلو 21 جولاءِ تي ٻڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي خلاف شاهد اورڪزئي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

منشيات جي خاتمي واري عدالت ۾ گذريل ڏينهن حنيف عباسي پيش ٿيو، جنهن بينڪ اڪائونٽ بحال ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي هئي.

لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ منشيات جي خاتمي واري عدالت کي حڪم ڏنو آهي ته حنيف عباسي خلاف ڪيس جو فيصلو 21 جولاءِ تي ٻڌايو وڃي.

واضح رهي ته ملڪ ۾ 25 جولاءِ تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن، حنيف عباسي اين اي 60 راولپنڊي تي ن ليگ جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهي رهيو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*