پاڪستان تحريڪ انصاف پشاور حملي جي سوڳ سبب پشاور ۽ مردان ۾ رٿيل جلسا ملتوي ڪري ڇڏيا

پاڪستان تحريڪ انصاف پشاور حملي جي سوڳ سبب پشاور ۽ مردان ۾ رٿيل جلسا ملتوي ڪري ڇڏيا، پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته هو ڏک جي گهڙي ۾ اي اين پي سان گڏ آهن.

پي ٽي آءِ ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، پشاور حملي کانپوءِ تحريڪ انصاف 14 جولاءِ مردان ۽ پشاور ۾ رٿيل جلسا ملتوي ڪري ڇڏيا آهن.

ترجمان موجب، جلسن کي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي خطاب ڪرڻو هو، پر پشاور حملي سبب جلسا ملتوي ڪيا ويا.

هوڏانهن اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن عام چونڊن، نواز شريف جي ڏيهه واپسي واري صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*