اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف پشاور حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف پشاور حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ملڪ کي ڳرو نقصان پهچائيندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته پشاور حملو مذمت جوڳو عمل آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ هوندي.

هن چيو ته ڏک جي گهڙي ۾ هو اي اين پي سان گڏ بيٺل آهي، جڏهن ته حملي ۾ ملوث عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾ نواز شريف چيو ته هو اعلانيل تاريخ تي پاڪستان اچي رهيو آهي، حفاظتي ضمانت جي حوالي سان وڪيلن سان صلاح مشورا ناهن ڪيا ويا.

هن چيو ته پاڪستان ۾ حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ذميوارن جو تعين اڻٽر آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*