سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ جسقم جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون پيون وڃن

سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ جسقم جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون پيون وڃن، اڳواڻن چيو آهي ته ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي، هو سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

رتو ديرو ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج کان ريلي ڪڍي شهيد بشير خان قريشي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي وئي.

دولتپور صفن ۾  اياز انڙ، عظيم انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو.

ميروخان ۽ ٺل ۾ به جسقم ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊز ۽ بنيرز کڻي ريليون ڪڍيون ۽ نعريبازي ڪئي.

احتجاج جي سڏ ڄام صاحب ۾ ڪارڪنن  علي انور چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي، جڏهن ته ڏڪري ۾ ڪارڪنن پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ريلين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ جعلي هائوسنگ اٿارٽيز نالي ڌارين کي آباد ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾تبديل ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ٻين صوبن جا ماڻهو قابض آهن پر سنڌ واسين کي روزگار ۽ ترقي سميت ڪا به سهولت نه ٿي ڏني وڃي.

جسقم اڳواڻن چيو ته هو  ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*