سپريم ڪورٽ ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

سپريم ڪورٽ ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

اسغاثه جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته طلال چوڌري ڪڏهن به پنهنجي بيان کان انڪار ناهي ڪيو، آرٽيڪل 19 توهين جوڳي تقرير جي اجازت نٿو ڏئي.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته طلال چوڌري پنهنجي بيانن تي ڪڏهن معافي به ناهي گهري، ڪيس ۾ انصاف جون گهرجون پورويون ڪيون وينديون.

طلال چوڌري جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ دليل ڏيندي عدالت کان استدعا ڪئي ته سندس اصيل پنهنجي بيان تي شرمنده آهي، کيس معاف ڪيو وڃي.

عدالت وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪندي طلال چوڌري کي هدايت ڪئي آهي ته فيصلو جاري ڪرڻ واري ڏينهن عدالت ۾ حاضري يقيني بڻائي وڃي.

واضح رهي ته پاناما ڪيس کانپو ءِ طلال چوڌري سميت ن ليگ جي ڪيترن ئي اڳواڻن توهين جوڳا بيان ڏنا هئا……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*