پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ملڪ جا 3 سئو ارب روپيا چوري ڪري پرڏيهه منتقل ڪيا

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ملڪ جا 3 سئو ارب روپيا چوري ڪري پرڏيهه منتقل ڪيا، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪرپٽ ۽ چور ماڻهن کي برداشت ناهي ڪيو ويندو، پر پاڪستان ۾ نواز شريف جي شاندار آجيان جون تياريون ڪيون پيون وڃن.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته دنيا ۾ مني لانڊرنگ ۾ ملوث حڪمرانن کي ڪنا آنا هنيا ويندا آهن، پر پاڪستان ۾ ابتو سسٽم آهي.

هن چيو ته نواز شريف ڪهڙي منهن سان واپس ڏيهه اچي رهيو آهي، جڏهن ته هڪ چور جي شاندار آجيان جون تياريون افسوسناڪ آهن.

سندس چوڻ هو ته آڱرين تي ڳڻپ جيتري ٽولي پاڪستاني قوم جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوام ڪرپٽ سياستدانن کي وائکو ڪري.

عمران خان چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ غربت آهي، حڪمرانن مسڪين عوام جو جيئڻ تنگ ڪري رکيو آهي، پي ٽي آءِ کي حڪومت ملي ته پنجن سالن ۾ 50 لک نوان گهر تعمير  ڪيا ويندا…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*