سپريم ڪورٽ ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس  جي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي، عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي اڄ طلب ڪيو  آهي، ٻنهي اڳواڻن جا وڪيل پيش ٿيندا

سپريم ڪورٽ ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس  جي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي، عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي اڄ طلب ڪيو  آهي، ٻنهي اڳواڻن جا وڪيل پيش ٿيندا،

سپريم ڪورٽ ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي، عدالت به آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي اڄ طلب ڪيو آهي.

اڳوڻي صدر پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيندو ۽ عدالت ۾ پيشي لاءِ چارٽر جهاز ذريعي اسلام آباد پهنچندو.

سپريم ڪورٽ سمورن جعلي بينڪ اڪائونٽس هولڊرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت سنڌ بينڪ، سمٽ بينڪ ۽ يو بي ايل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ ٽنهي بنيڪن جي سربراهن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي.

واضح رهي ته عدالت ساڳئي ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ايف آءِ اي آڏو به پيش نه ٿيا هئا، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*