اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز جي ڏيهه واپسي کان اڳ ن ليگ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو آهي

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز جي ڏيهه واپسي کان اڳ ن ليگ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو آهي، لاهور ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، ن ليگ اڳواڻ اياز صادق ۽ سعد رفيق ڪارڪنن جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ن ليگ کي ڀت سان لڳائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

ايون فيلڊ ريفرنسز ۾  سزا مليل اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز سڀاڻي لنڊن کان ڏيهه واپس اچي رهيا آهن، جنهن سبب ليگي ڪارڪنن جي گرفتاري جو عمل به شروع ٿي ويو آهي.

رات دير سان پوليس لاهور ۽ ڀرپاسي وارنعلائقن ۾ آپريشن ڪندي مڪاني ادارن جي نمائندن سميت هڪ سئو کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب، حراست ۾ ورتل ماڻهن ۾ يوسي چيئرمين، وائس چيئرمين ۽ ڪائونسلر سميت ليگي سرگرم ڪارڪن شامل آهن.

پوليس گرفتارين خلاف ليگي اميدوارن ۽ ڪارڪنن احتجاج ڪيو ۽ ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

ن ليگ اڳواڻ اياز صادق ۽ سعد رفيق ڪارڪنن جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ن ليگ کي ڀت سان لڳائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*