حيدرآباد ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري مختلف علائقن ڪاررواين دوران ڀتي خور سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

حيدرآباد ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري مختلف علائقن ڪاررواين دوران ڀتي خور سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

فقير جو پِــــڙُ واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ڀتي خور شاهد دانتلي کي گرفتار ڪيو ويو.

گاڏي کاتي واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ڊپٽي زونل انچارج ۽ اڳوڻي يوسي ناظم اسرار شيخ کي گرفتار ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي گرفتار جوابدارن کي پڇاڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*