ٺل ويجهو ڳڙهي حسن مان معصوم نينگري فضيلا سرڪي جي اغوا کي 8 سال ٿي ويا

ٺل ويجهو ڳڙهي حسن مان معصوم نينگري فضيلا سرڪي جي اغوا کي 8 سال ٿي ويا، سردار، ڀوتار ۽ سرڪار نينگري کان ناريءَ بڻيل فضيلا کي بازياب نه ڪرائي سگهيا، سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود پوليس ۽ انتظاميه ڏوهارين جو وارُ وِنگو نه ڪري سگهي آهي.

ڳڙهي حسن سرڪي مان 23 مارچ 2007ع تي اغوا ڪيل معصوم فضيلا سرڪي کي وارثن سان وڇڙئي 8 سال گذري ويا، پر پوليس ۽ تر جا بااثر ماڻهو کيس بازياب نه ڪرائي سگهيا آهن.

فضيلا سرڪي جي امڙ سڪينه جو چوڻ آهي ته  معصوم نياڻي جي بازيابي لاءِ هر در دانهيو پر ڪير  به سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

هن چيو ته معاملو سپريم ڪورٽ تائين وڃڻ باوجود سندن نياڻي بازياب ناهي ٿي سگهي، پوليس ملوث جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي.

فضيلا جي پيءُ عبدالرزاق پوليس جي اعليٰ اختيارين، وفاقي توڙي صوبائي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سندس نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*