سپريم ڪورٽ ايم ڊي پي ٽي وي جي مقرري واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران گهرو سيڪريٽري کي اسحاق ڊار جي واپسي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ ايم ڊي پي ٽي وي جي مقرري واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران گهرو سيڪريٽري کي اسحاق ڊار جي واپسي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سمورن اٿارٽيز کي سهڪار جو حڪم ڏيندي چيف جسٽس چيو آهي ته ڪنهن به اٿارٽي سهڪار نه ڪيو ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ ايم ڊي پي ٽي وي جي مقرري  ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران ناڻي وارو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته گهرو سيڪريٽري ٻڌائي ته اسحاق ڊار کي ڪئين واپس آندو وڃي؟ جنهن تي گهرو سيڪريٽري چيو ته ڪيترن ئي طريقن سان پاسپورٽ رد ٿي سگهي ٿو. شوڪاز نوٽيس ڏئي پاسپورٽ ڪينسل ڪرائي سگهجي ٿو.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته جيڪڏهن ڪو عدالت جي گهرائڻ تي به نه  اچي ته پوءِ  ڇا ڪرڻو پوندو؟

گهرو سيڪريٽري چيو ته پرويز مشرف ڪيس ۾ پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ رد ٿي چڪو آهي، چيف جسٽس سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪو عدالت جي حڪم تي به نه اچي ته ڇا پوءِ بي بس ٿي وڃون؟

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪو طريقيڪار هئڻ گهرجي ،ماڻهن کي واپس آندو وڃي، ڇا اسحاق ڊار جي واپسي لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪري سگهجي ٿو؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدارن جي پرڏيهه مان واپسي بابت به قانون هئڻ گهرجي،

سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڇنڇر تائين ملتوي ڪندي اسحاق ڊار کي فوري طور واپس آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*