سپريم ڪورٽ حڪم جاري ٿيڻ تائين سڄي ملڪ جي خانگي ميڊيڪل ڪاليجز کي داخلائن ۽ اشتهار ڏيڻ کان روڪي ڇڏيوآهي

سپريم ڪورٽ حڪم جاري ٿيڻ تائين سڄي ملڪ جي خانگي ميڊيڪل ڪاليجز کي داخلائن ۽ اشتهار ڏيڻ کان روڪي ڇڏيوآهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اسان کي معياري ڊاڪٽر بڻائڻا آهن، خانگي ميڊيڪل ڪاليجز کي ايڊيميشن جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، 3 جولاءِ کان لاهور ۾ ڪيسن جون ٻڌڻيون ڪرڻيون آهن، ايف آءِ اي جي عملدارن چيو آهي ته يو ايڇ ايس کي سينٽر لائز ايڊميشن پاليسي بڻائڻ جو حڪم ڏنو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ خانگي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلائن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته معياري ڊاڪٽرز بڻائڻا آهي، ميڊيڪل ڪاليجز هلائڻ واري شعبي ۾ اهڙا ماڻهو اچي چڪا آهن، جيڪي دڪاندار آهن.

ايف آءِ اي عملدارن چيو ته يو ايڇ ايس کي سينٽر لائز ايڊميشن پاليسي بڻائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته مان هڪ هفتي تي موڪل تي وڃي رهيو آهيان، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 3 جولاءِ تي مختلف ڪيس به ٻڌڻا آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته خانگي ميڊيڪل ڪاليجز کي ايڊميشن جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. خانگي ميڊيڪل ڪاليجز 34 لک رپيا وصول ڪرڻ لاءِ والدين جو استحصال ڪري رهيا آهن.

چيف جسٽس چيو ته چيو ته مون کي سڀ خبر آهي ته سامان موٽرسائيڪل تي ڪئين کڻي آندو ويندو اهي.

چيف جسٽس چيو ته ڪهڙي ريب انسپيڪشن ٿيندي آهي، اسان وٽ تصويرن سان گڏ سموري معلومات ايندي آهي، آغا خان اسپتال جي فيس جو ڍانچو تمام گهڻو وڌيڪ آهي

سپريم ڪورٽ حڪم جاري ٿيڻ تائين خانگي ميڊيڪل ڪاليجز کي داخلائن ۽ اشتهارن کان روڪي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*