سپريم ڪورٽ پي پي اميدوار سيد سردار علي شاهه جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ، عمر ڪوٽ جي تڪ پي ايس 69 تان ڪامياب پيپلزپارٽي جي اميدوار سيد سردار علي شاهه جي ميمبرشپ بحال ڪندي تڪ جي 31 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ بابت اليڪشن ٽربيونل جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اليڪشن ٽربيونل حيدرآباد جي فيصلي خلاف پ پ اميدوار سيد سردار علي شاهه جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران سيد سردار علي شاهه پاران سندس وڪيل حفيظ پيرزادو ۽ بئريسٽر ضمير گهمرو پيش ٿيا.

وڪيلن دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ٽربيونل حيدرآباد فيصلي ۾ قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون، ٽربيونل سندن موقف ٻڌڻ کانسواءِ ئي فيصلو ٻڌايو آهي.

وڪيلن عدالت کي استدعا ڪئي ته اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو معطل ڪري سردار علي شاهه جي ميمبرشپ بحال ڪئي وڃي.

عدالت، وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پاران سيد سردار علي شاهه جي ميمبرشپ ختم ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي سندس ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ، اليڪشن ٽربيونل حيدرآباد جو 31 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ وارو فيصلو پڻ معطل ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته اليڪشن ٽربيونل حيدرآباد، فنڪشنل ليگ اڳواڻ جادم مڱريو جي درخواست تي پي ايس 69 جي 31 پولنگ اسٽيشنز تي ڌانڌلي ثابت ٿيڻ کانپوءِ 31 ئي پولنگز تي ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*