تنگواڻي ويجهو هٿ آيل 10 ڪلو بارودي مواد ناڪاره بڻايو ويو

تنگواڻي ويجهو هٿ آيل 10 ڪلو بارودي مواد ناڪاره بڻايو ويو، ساڳئي هنڌ گذريل ڏينهن ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ٻن ڄڻن جو لاڙڪاڻي جي اسپتال  ۾ علاج جاري آهي.

ڳوٺ خالد بروهي وٽ زمين ۾ پوريل 10 ڪلو ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو، جنهن کي شڪارپور مان بم ڊسپوزل اسڪواڊ پهچي ناڪاره بڻائي ڇڏيو.

ساڳئي هنڌ گذريل ڏينهن ڌماڪي جي تنيجي ۾ نوجوان الهبخش ۽ مٺل کوسو زخمي ٿي پيا هئا، جن جو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ علاج جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*