صحافين ميڊيا تي اڻ اعلانيل سنسرشپ خلاف سينيٽ جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو

صحافين ميڊيا تي اڻ اعلانيل سنسرشپ خلاف سينيٽ جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. شيري رحمان چيو آهي ته نواز ليگ ڪارڪنن کي کنڀيو پيو وڃي ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن تي پارٽي ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، اسان خلاف ميڊيا ٽرائل ٿي رهيو آهي، موجوده صورتحال ۾ سينيٽ جي ڪارروائي رکڻ ضروري آهي، اوچتو آصف زرداري خلاف پراڻو ڪيس کوليو  ويو ۽ نالا اي سي ۾ شامل ڪيا ويا پر اڄ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ٻنهي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو هو.

صحافين ميڊيا تي اڻ اعلانيل سنسرشپ خلاف سينيٽ جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو، جنهن بعد نگران وزير علي ظفر کين واڪ آئوٽ ختم ڪرڻ جو چيو

نگران وزير علي ظفر چيو ته لاڳاپيل ڪميٽي انهي معاملي کي ڏسي رهي آهي، ڪميٽي جي رپورٽ ايون ۾ ايندي، جنهن تي ايوان حڪومت کي سفارشون ڏيندو.

اجلاس دوران خطاب ڪندي شيري رحمان چيو ته اسان جا سيڪيورٽي معاملن تي سخت خدشا آهن، سينيٽ جي موجوده حالتن جو روزاني جي بنياد تي جائزو وٺڻ ضروري آهي،

هن چيو ته ن ليگ جي ڪارڪنن کي کنڀيو پيو وڃي، اسان جي ڪارڪنن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، اهو سڀ ڪجهه ڪهڙي قانون تحت ٿي رهيو آهي،

شيري رحمان چيو ته سڄي دنيا جون نظريون چونڊن تي کتل آهن، موجوده حالتن ۾ سينيٽ جو اهم ڪردار آهي،

سينيٽ جي اپوزيشن ليڊر چيو ته سينيٽ جو هلندڙ سيشن پنهنجي مدي تائين هلڻ گهرجي، مون کي ميڊيا سينسر شپ تي ڳڻتي  آهي، ٻه ڏينهن اڳ اسان نالا وٺي اهو ٻڌايو هو ته ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو اسان جي ڪارڪنن تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن،

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي سيڪيورٽي ۽ ميڊيا بليڪ آئو تي به خدشا آهن،

شيري رحمان چيو ته اسان جي خلاف ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، اسان جي لاهور واري اهم پريس ڪانفرنس جو بليڪ ائوٽ ڪيو ويو،

هن چيو ته ميڊيا سينسر شپ، سيڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ ۽ حملن سان پيغام ڏنو پيو وڃي،

شيري رحمان چيو ته اڄ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ جو نالو اي سي ۾ شامل ڪرڻ جو نه چيو هو. اڳوڻي صدر آصف زرداري جي خلاف 2015 جي مني لانڊرنگ ڪيس کي اوچتو کوليو ويو،

اپوزيشن ليڊر چيو ته بنا ڪنهن جاچ جي نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا، ترقي پسند جماعتن خلاف اتحاد ٺهي رهيو آهي،

اپوزيشن ليڊر شيري رحمان موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هن وقت اميدوارن جي سيڪيورٽي جا خدشا آهن، نيڪٽا طرفان باضابطه اڳواڻن جا نالا ورتا ويا آهن، هن وقت ڪالعدم تنظيمن کي قومي ڌاري ۾ آندو پيو وڃي. ……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*