ميرپور بٺوري ويجهو دڙو پڃاري تي اڏيل پُل زبون ٿي وڃڻ ۽ انتظاميا طرفان ڌيان نه ڏيڻ خلاف شهرين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ميرپور بٺوري ويجهو دڙو پڃاري تي اڏيل پُل زبون ٿي وڃڻ ۽ انتظاميا طرفان ڌيان نه ڏيڻ خلاف شهرين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

دڙو شھر ۾ سياسي، سماجي ۽ شھري تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ چونڊيل نمائندن پُل تي احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي يونين ڪائونسل دڙو جي چئرمين موسيٰ سومرو، پي ايس 75 جي آزاد اميدوار نظير سومرو، ٽائون ڪاميٽي دڙو جي ڪائونسلرن حاجي عباسي، محمد خان ڪڇي، شھرين اعجاز اختر ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته دڙو شهر جي وچ مان گذرندڙ پنڃاري فيڊر لوئر تي دڙو- ٺٽو وايا ٻيلو روڊ تي اڏيل پُل کي ٽن مختلف ھنڌن تان وڏا کڏا پئجي وڃڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻجي ويو آهي.

ھنن وڌيڪ چيو ته 8 کان مٿي ڊي سي گذريل ڪجھه سالن کان پُل جي وزٽ ڪري مرمت جو اعلان ڪري ويا آھن، ليڪن پل جي مرمت نه ٿي سگهي آهي.

 هنن مطالبو ڪيو آهي ته پل جي مرمت ڪرائي وڏي حادثي کان بچايو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*