سنڌ هاءِ ڪورٽ، پي ايس 88 تي پ پ اميدوار مرتضيٰ بلوچ خلاف درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 23 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ، پي ايس 88 تي پ پ اميدوار مرتضيٰ بلوچ خلاف درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 23 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ پ پ اميدوار مرتضيٰ بلوچ خلاف ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ڪي اليڪٽرڪ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته پ پ اميدوار مرتضيٰ بلوچ بجلي بل جي مد ۾ 90 لک 92 هزار ادا ناهن ڪيا، کيس چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو وڃي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ مرتضيٰ بلوچ، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 23 جولاءِ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*