چمبڙ ۾ چاڪر شاخ جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف آبپاشي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو

چمبڙ ۾ چاڪر شاخ جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف آبپاشي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

چاڪر شاخ جي آبادگارن مرڪ لغاري، علي محمد، ممتاز لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ايريگشن عملدارن جو علامتي جنازو کڻي ٽنڊوالھيار -ٽنڊو غلام علي روڊ تي  قائم پ پ اميدوار امداد پتافي ۽ جي ڊي اي اميدوار خير محمد کوکر جي اليڪشن ڪيمپ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ آبادگارن چيو ته  چاڪر شاخ کي وارو ھئڻ باوجود پاڻي نه ڏنو ويو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته آبپاشي عملدارن سندن  واري باوجود پاڻي بند رکي ميراکوري شاخ کولي ڇڏي آهي، جنھن سبب سندن فصل سڪي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*