سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار  کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ واري درخواست تي ڌرين کي 6 آگسٽ تي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار  کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ واري درخواست تي ڌرين کي 6 آگسٽ تي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ متحده اڳواڻ خلاف اقبال ڪاظمي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊاڪٽر فاروق ستار، اليڪشن ڪميشن ۽ پوليس عملدار پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، اليڪشن ڪميشن ۽ پوليس عملدارن حلفي بيان رڪارڊ ڪرايو.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار  اين آر او تحت بند ٿيل ڪيسن ۾ روپوش هو، جڏهن ته هن نامزدگي ڪاغذن ۾ لينڊ ڪروزر جو ذڪر ناهي ڪيو.

درخواستگذار استدعا ڪئي ته ڊاڪٽر فاروق ستار کي اين اي اين اي 245  ۽ اين اي 247 تان کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

عدالت ڌرين کي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏيندي 6 آگسٽ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*