جوهي ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت ۾ چونڊ مهم پ پ اڳواڻ سجيلا لغاري کي ڳچي ۾ پئجي وئي

جوهي ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت ۾ چونڊ مهم پ پ اڳواڻ سجيلا لغاري کي ڳچي ۾ پئجي وئي، ووٽرز سجيلا لغاري کان سخت پُڇاڻوڪيو، سجيلا لغاري ووٽرز آڏو وضاحتون ڪندي رهجي وئي.

پ پ اڳواڻ سجيلا لغاري پيپلز پارٽي جي حمايت ۾ چونڊ مهم لاءِ ڪاڇي جي ڳوٺ تاج محمد دولتاڻي ۾ پهتي ته اتي ووٽرز سخت پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان پاڻ پنج سالن دوران اسان جي سار ئي نه لِڌي، پ پ اميدوارن جي حمايت ڪرڻ لاءِ ڪيئن آيون آهيو؟.

هنن پ پ اڳواڻ سجيلا لغاري کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پيئڻ جي پاڻي لاءِ نلڪا لڳرائڻ جو اعلان ڪرڻ بعد وري گُم ٿي ويون، رابطو ڪرڻ تي به توهان ڪو جواب نه ڏنو.

 ووٽرز جي پڇاڻي دوران پ پ اڳواڻ سجيلا لغاري ووٽرز آڏو وضاحتون ڪندي رهي، پر ووٽرز سندس هڪ به نه ٻڌي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*