پسند جو پرڻو ڪندڙ ٺل تعلقي جي نوجوان ۽ ناري مدئجي پريس ڪلب پهچي حڪومت کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي

پسند جو پرڻو ڪندڙ ٺل تعلقي جي نوجوان ۽ ناري مدئجي پريس ڪلب پهچي حڪومت کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڳوٺ نصير ڀنگر  جي رهواسي نوجوان عظيم ڀنگر ۽ ناري آمنه ڀنگر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پسند جي پرڻي بعد مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن، جنهن ڪري پريشان آهيون.

هنن چيو ته مائٽ بااثرن جي چوڻ تي اسان تي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي قتل ڪرڻ چاهين ٿا.

نوجوان ۽ ناري حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪري زندگيون بچايون  وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*