پنوعاقل ۾ اليڪشن ڪميشن جي مانيٽرنگ ٽيم شاهه لطيف چوڪ تي پ پ جي لڳايل ڪيمپ پٽرائي ڇڏي آهي

پنوعاقل ۾ اليڪشن ڪميشن جي مانيٽرنگ ٽيم شاهه لطيف چوڪ تي پ پ جي لڳايل ڪيمپ پٽرائي ڇڏي آهي، ڪئمپ پٽرائڻ دوران پ پ ڪارڪنن ۽ مانيٽرنگ ٽيم ۾ منهن ماري ٿي بعد ۾ پ پ ڪارڪنن احتجاج ڪيو.

اليڪشن ڪميشن جي مانيٽرنگ ٽيم جي آفيسر پوليس ۽ ٽائون عملي جي مدد سان پ پ جي ڪيمپ هٽائي ڇڏي آهي.

ڪئمپ هٽائڻ خلاف پ پ ڪارڪنن ڪامريڊ رشيد ڪورائي جي اڳواڻي ۾ شاهه لطيف چوڪ تي احتجاج ڪيو.

 احتجاج ڪندڙ پ پ ڪارڪنن چيو ته سڄي شهر ۾ پ پ مخالفن جا بينرز ۽ ڪئمپون لڳل آهن، انهن کي هٽايو نٿو وڃي، صرف پ پ خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*