پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته، چونڊن کي تڪراري بڻائي ملتوي ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي

پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته، چونڊن کي تڪراري بڻائي ملتوي ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، اميدوارن تي وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته ڪهڙي قانون تحت چونڊن دوران فوج کي گهرايو ويو، ملڪ ۾ هڪجهڙو احتساب نه ٿي رهيو آهي، نيب کي عينڪ ۾ رڳو ٻه جماعتون پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ نظر اچي رهيون آهن،

سينيٽ جي اجلاس دوران خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته لڳي پيو ته نيب کي رڳو 2 پارٽيون نظر اچي رهيون آهن، ٽين پارٽي نظر نه پئي اچي،

هن چيو ته پنجاب حڪومت ڄاڻي واڻي بلاول جي قافلي کي روڪيو، اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اميدوار کي سيڪيورٽي ناهي ڏني، اميدوارن تي پارٽي تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي،

رضا رباني چيو ته موجوده چونڊن کي اڳ ئي تڪراري بڻايو ويو آهي، اليڪشن کان اڳ بلوچستان اسيمبلي مان اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن کاپوءِ ڪي پي جي وڏي وزير جو بيان به رڪارڊ تي آهي،

سينيٽر چيو ته اليڪشن کي نه رڳو تڪراري بڻايو ويو آهي پر ملتوي ڪرائڻ جون ڪوششون به ڪيون پيون وڃن،

رضا رباني چيو ته هڪ پارٽي خط لکيو  ته پولنگ جو وقت رات 8 وڳي تائين ڪيو وڃي،  اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا پولنگ جو وقت وڌايو،

هن چيو ته جڏهن اميدوارن جي نامزدگي جو معاملو آيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حڪم روڪڻ لاءِ درخواست ڏني وئي، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي قانون ۽ شق تحت فوج کي گهرايو ويوآهي،

رضا رباني چيو ته جيڪڏهن هر ضلعي ۾ اميدوارن تي دٻاءُ وڌو ويو ته پوءِ چونڊون شفاف نه ٿيندون، اليڪشن ڪميشن کي وضاحت ڏيڻي پوندي،

هن چيو ته هارون بلور شهيد ٿي ويو آهي، بلاول ڀٽو زرداري کي پنجاب جي اوچ شريف ۾ روڪيو ويو،

سينيٽر چيو ته اليڪشن ڪميشن چيو ته اسان سيڪيورٽي لاءِ چيو آهي، نگران حڪومت کي جواب ڏيڻو پوندو،

سينيٽر رضا رباني چيو ته هاڻ ته رڳو هڪ اميدوار کي شهيد ڪيو ويو آهي، سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو احتساب هئڻ گهرجي،  اميدوارن کي پارٽي وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*