مٺي ۾مختلف پاڙن جو سڙي ويل بجلي ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهروڪيو

مٺي ۾مختلف پاڙن جو سڙي ويل بجلي ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهروڪيو.

شهرين مدن لال سوني، ايشور لهاڻو، هوتو سوٽهڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهر ۾ سونارا پاڙي،کتري، پڃارا ۽ لهاڻا پاڙي جو بجلي ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ سبب پنج ڏينهن کا بجلي بند آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته بجلي نه هئڻ ڪري پنج ڏينهن کان چار سئو گهرن جا رهواسي عذاب واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*