ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وزيراعظم نواز شريف کي پاڪستان ڏينهن تي واڌايون ڏئي ڇڏيون

ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي پنهنجي ٽئٽ ۾ پاڪستان ڏينهن جي موقعي تي وزير اعظم ميان نواز شريف کي واڌايون چوندي چيو آهي ته کيس يقين آهي ته پاڪستان سان سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهن ٿا.

نريندر مودي پنهنجي ٽئيٽ ۾ پاڪستان لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي کان پاڪ ماحول ۾ ئي ڳالهيون اڳتي وڌائي سگهجن ٿيون، جڏهن ته مسئلن جو حل به ڳالهين ۾ ئي آهي.

ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي 23 مارچ يومِ پاڪستان جي موقعي تي وزير اعظم ميان نواز شريف کي ٽئيٽ ۾ واڌايون چيون.

نريندر مودي چيو ته هو ڀارتي عوام طرفان پاڪستان لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪري ٿو.

نريندر مودي جو چوڻ هو ته هو ڳالهين جو حامي آهي ۽ سمجهي ٿو ته مسئلن جو حل ڳالهين ۾ ئي آهي پر اهي ڳالهيون دهشتگردي کان پاڪ ماحول ۾ ٿيڻ گهرجن.

نريندر مودي چيو ته کيس يقين آهي ته ڳالهين ذريعي ئي پاڪستان سان سمورا تڪرار نبيري سگهجن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*