ميرپور بٺوري ۾شهيد فاضل راهو خلاف ڳالهائڻ تي راهو برادري جي ماڻهن ۽ سياسي ڪارڪنن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

ميرپور بٺوري ۾شهيد فاضل راهو خلاف ڳالهائڻ تي راهو برادري جي ماڻهن ۽ سياسي ڪارڪنن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

راھو برادري جي ماڻهن ۽ مختلف سياسي ، سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن رفيق راھو، سليم راھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾هٿن ۾ بينر ۽ پينا فليڪس کڻي پريس ڪلب ميرپور بٺورو کان ريلي ڪڍي مين اسٽاپ تي احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شھيد عوام فاضل راھو پنھنجي سموري زندگي پورھيت عوام جي لاءِ جدوجھد ڪندي  ھارين ۽ مزدورن سان گڏ بيٺو رھيو.

هنن وڌيڪ چيو ته  شهيد فاضل راهو جي ڪنھن به قبيلي يا ذات سان ڪابه دشمني نه ھُئي.

 اڳواڻن چيو ته عوام دوستي ۽ ھارين ۽ پورھيتن سان گڏ بيھڻ سبب کيس ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪري ڪوٺڙين ۾ بند ڪري مٿس ٽارچر ڪيو ويو.

 اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شهيد فاضل راهو خلاف ڳالهائڻ تي ڊاڪٽر ذولفقار مرزا سنڌي عوام کان معافي وٺي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*