احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج محمد بشير العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، نوازشريف جو وڪيل خواجا حارث پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث ريفرنس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي.

نواز شريف جي وڪيل دليل ڏيندي ڏيندي چيو ته جج جي ذات تي اعتراض ناهي، قانون جي گهرج آهي ته ريفرنس ٻي عدالت منتقل ڪيو وڃي.

ان موقعي تي جج محمد بشير چيو ته قانون موجب فرد جرم لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ريفرنس نه ٿو منتقل ڪري سگهجي، ان لاءِ لاڳاپيل فورم هاءِ ڪورٽ آهي .

جج چيو ته مان آرڊر ۾ لکي ڇڏيان ٿو ته توهان کي خدشا آهن، جنهن تي نواز شريف جي وڪيل چيو ته توهان جن ڳالهين تي فيصلو ڪري چڪا آهيو، اهي ٻئي ريفرنس به گڏيل آهن، جڏهن ته انصاف ٿيندي به نظر اچڻ گهرجي.

ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب سردار مظفر عباسي ريفرنس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته فرد جرم جج لاڳو ڪري ،

خواجه حارث عدالت کي درخواست ڪئي ته ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪئي وڃي ته جيئن لاڳو فورم سان رابطو ڪري سگهون.

احتساب عدالت العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪندي خواجه حارث جي ريفرنس ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*