پ پ جنرل سيڪريٽري نيئر بخاري چيو آهي ته آصف زرداري اڳ جيان هن ڀيري به اعليٰ عدالت مان سرخرو ٿيو آهي

پ پ جنرل سيڪريٽري نيئر بخاري چيو آهي ته آصف زرداري اڳ جيان هن ڀيري به اعليٰ عدالت مان سرخرو ٿيو آهي، هاڻ ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهيندڙن کي منهن لڪائڻ جي جاءِ نه پئي ملي، پيپلزپارٽي جا مخالف اخلاقي حدون پار ڪرڻ واري روش بند ڪن،

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نيئر بخاري چيو ته آصف زرداري اڳ جيان هن ڀيري به اعليٰ عدالت مان سرخرو ٿيو آهي،

هن چيو ته هاڻ ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهيندڙن کي منهن لڪائڻ جي جاءِ نه پئي ملي،

پ پ جنرل سيڪريٽري چيو ته پيپلزپارٽي جا مخالف اخلاقي حدون پار ڪرڻ واري روش بند ڪن،  سپريم ڪورٽ جي اڄوڪي فيصلي کانپوءِ مونجهارا ختم ٿي ويا آهن،

هن چيو ته پيپلزپارٽي عدالت جو احترام ڪندي آهي، سپريم ڪورٽ جي اوٽ ۾ پيپلزپارٽي خلاف دشمني ڪندڙن کي اڄ به شرمندگي ملي آهي،

نيئر بخاري چيو ته آصف زرداري جي سياسي ساک متاثر ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،

پ پ جنرل سيڪريٽري چيو ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ واريون ڪوڙيون خبرون هلائندڙ معافي گهرن،

نيئر بخاري چيو ته پيپلزپارٽي جا مخالف اخلاقي حدو پار ڪرڻ واري روش بند ڪن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*