سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي

سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواستگذار شاهد خاقان عباسي جا نامزدگي فارم منظور ڪرڻ وارو اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي نامزدگي ڪاغذن ۽ حلف نامي ۾ غلط بياني ڪئي آهي، هو صادق ۽ امين ناهي رهيو.

درخواستگذار هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته شاهد خاقان عباسي قسم نامي ۽ نامزدگي ڪاغذن ۾ غلط بياني ڪئي، عدالت کي درخواست آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا وڃن.

چيف جسٽس مسعود عباسي جي اپيل تي بئنچ جوڙي ڇڏي، جيڪا سڀاڻي شاهد خاقان عباسي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*