گهوٽڪي ويجهو پوليس ڀيري برادري جي ٽن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ڳوٺن ۾ ڪارروائي ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
گهوٽڪي ويجهو پوليس ڀيري برادري جي ٽن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ڳوٺن ۾ ڪارروائي ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ڊي ايس پي ڪچو حاجي رشيد سروهي جي اڳواڻي ۾ پوليس ڳوٺ ابراهيم گهوٽي ۽ الهڏيوالو گهوٽي سميت ٻين ڳوٺن تي ڪارروائي ڪري چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي.
ڊي ايس پي حاجي رشيد سروهي چيو ته ڀيري برادري جي 3 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته ڪارروائي دوران چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.