ڪراچي جي عدالت، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت درخواست تي 16 جولاءِ تائين فيصلو محفوظ ڪري ورتو

ڪراچي جي عدالت، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت درخواست تي 16 جولاءِ تائين فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

سٽي ڪورٽ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خلاف ايم ڪيو ايم جي محفوظ يار خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لياري جي دوري دوران گارڊز ذريعي متحده ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو، مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي.

عدالت پ پ چيئرمين تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 16جولاءِ تي ٻڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*