ڪراچي جي احتساب عدالت پي ايس او آفيسرن جي ملي ڀڳت سان قومي ناڻي کي 40 بلين کان وڌيڪ نقصان پهچائڻ واري ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي 24 جولاءِ تائين جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي احتساب عدالت پي ايس او آفيسرن جي ملي ڀڳت سان قومي ناڻي کي 40 بلين کان وڌيڪ نقصان پهچائڻ واري ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي 24 جولاءِ تائين جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن هڪ جوابدار کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي.

احتساب عدالت ۾ پي ايس او آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ڪروڙين روپين جو نقصان پهچائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

نيب جوابدار قيصر جمال ۽ پي ايس او جي اڳوڻي جنرل مئنيجر اختر جميل سميت 3 جوابدارن کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري رپورٽ جمع ڪرائي.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن ملي ڀڳ ڪري قومي ناڻي کي 40 بلين کان وڌيڪ نقصان پهچايو.

عدالت ٻن جوابدارن قيصر جمال ۽ اختر جميل کي 24 جولاءِ تائين جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار ڪامران افختار کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*