نوازشريف کي جيل موڪليو ويو ته آئون به جيل وينديس، منهنجو پٽ بي ڏوهي آهي, نواز شريف امڙ شميم بيگم

نواز شريف جي امڙ شميم بيگم چيو آهي ته نوازشريف کي جيل موڪليو ويو ته آئون به جيل وينديس، منهنجو پٽ بي ڏوهي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ شميم بيگم چيو ته پاڪستان جو پٽ سڀاڻي وطن واپس اچي رهيو آهي، نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف غلط فيصلو ٻڌايو ويو.

هن چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي جيڪڏهن جيل موڪليو ويو ته آئون به ساڻن جيل وينديس.

سندس چوڻ هو ته احتساب عدالت جي جج به چيو ته نواز شريف خلاف ڪرپشن جو ڪو به ڏوهه ثابت نه ٿيو آهي، ظالم خدا جي خوف ۽ عذات کان ڊڄن.

نواز شريف جي امڙ چيو ته منهنجي پٽ کي ووٽ کي عزت ڏيارڻ جو نعرو هڻڻ تي سزا ڏني پئي وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*