اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز ابو ظهبي پهچي ويا، ٻئي اڳواڻ اڄ شام لاهور پهچندا

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز ابو ظهبي پهچي ويا، ٻئي اڳواڻ اڄ شام لاهور پهچندا، نوازشريف چيو آهي ته کيس ٻڌايل سزا سياسي آهي جنهن جو بنياد رڳو ٻڌل ڳالهيون آهن، فخر آهي ته نيب عدالت کيس ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي آهي، هنن خلاف مخالفن جي پروپيگنڊا ناڪام ٿي چڪي آهي.

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز  لنڊن کان ابوظهبي پهچي ويا آهن، ڏيهه واپس اچڻ کان اڳ نواز شريف ۽ مريم نواز پنهنجي عزيزن سان الوداعي ملاقات ڪئي.

نواز شريف ۽ مريم نواز اتحاد ايئر لائين اي واءِ 18 ذريعي ابوظهبي پهتا، اڄ شام 6 لڳي 15 منٽ تي لاهور پهچندا.

لنڊن ۾ روانگي کان اڳ نوازشريف چيو ته کيس ٻڌايل سزا سياسي آهي جنهن جو بنياد رڳو ٻڌل ڳالهيون آهن.

هن چيو ته کيس فخر آهي ته نيب عدالت مون کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي آهي،مخالفن جي پروپيگنڊا ناڪام ٿي چڪي آهي، نيب عدالت جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرائي ويندي.

نوازشريف چيو ته سندس حامي ڄاڻين ٿا ته کيس ڪرپشن الزامن مان بري ڪيو ويو آهي، هو پهريون ڀيرو جيل نه وڃي رهيو آهي، مشرف دور ۾ به کيس اٽڪ جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*