نيب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز کي دبئي مان گرفتار ڪرڻ لاءِ 3 رڪني ٽيم ابوظهبي موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

نيب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز کي دبئي مان گرفتار ڪرڻ لاءِ 3 رڪني ٽيم ابوظهبي موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جيڪڏهن ابوظهبي ۾ گرفتاري نه ٿي سگهي ته پوءِ پلان بي تحت لاهور ايئرپورٽ تان کين گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويندو.

ذريعن موجب، نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز کي گرفتار ڪرڻ لاءِ 3 رڪني ٽيم ابو ظهبي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

نيب جي 3 رڪني ٽيم ابوظهبي ۾ مقرر پاڪستاني سفير سان به رابطو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب نيب ٽيم  پاڪستاني سفير سان ملاقات ڪري کيس گرفتاري بابت آگاهه ڪندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ٽيم ابو ظهبي ايئرپورٽ تي نواز شريف ۽ مريم نواز کي حراست ۾ وٺي ساڳئي جهاز ۾ کين اڊيالا جيل راولپنڊي منتقل ڪندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب نواز شريف ۽ مريم نواز جي گرفتاري لاءِ 2 پلان جوڙيا آهن، پلان ون تحت نيب ابوظهبي ۾ نوازشريف ۽ مريم نواز کي گرفتار ڪندي، جيڪڏهن اُتي گرفتاري عمل نه آئي ته پلان بي تحت کين لاهور  ايئرپورٽ تان ئي گرفتار ڪيو ويندو.

قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جي منطوري سان نواز شريف ۽ مريم نواز جي لاهور ايئرپورٽ تان جيل منتقلي لاءِ 2 هيليڪاپٽرز به تيار ڪيا ويا آهن.

واضح رهي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف کي 10 سال، مريم نواز کي 7 ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر اڊيالا جيل ۾ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*