مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر ۽ سندس ڀاءُ حسين نواز جي پٽ زڪريا حسين کي لنڊن ۾ ايون فيلڊ هائوس ٻاهران جهيڙي بعد پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي

مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر ۽ سندس ڀاءُ حسين نواز جي پٽ زڪريا حسين کي لنڊن ۾ ايون فيلڊ هائوس ٻاهران جهيڙي بعد پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

لنڊن ۾ مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر ۽ حسين نواز جي پٽ زڪريا ۽ مظاهرو ڪندڙ هڪ شخص وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو،

جهيڙي دوران هڪ شخص جنيد صفدر ۽ زڪريا تي حملي جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران هو محفوظ رهيا،

موقعي تي پوليس پهچي جهيڙي کي ختم ڪرايو ۽ جنيد صفدر کي نوجوان کي ڌڪ هڻڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو.

لنڊن پوليس حسين نواز جي پٽ زڪريا جي گرفتاري جي تصديقي ڪندي چيو ته واقعي ۾ زخمي ٿيل شخص پاڪستاني آهي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

جنيد صفدر جو چوڻ آهي ته ايون فيلڊ هائوس ٻاهران موجود مظاهرين مٿن حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،

مريم نواز چيو ته ايون فيلڊ فليٽس ٻاهران موجود پي ٽي آءِ جا ڪارڪن جڏهن به جيند کي ڏسندا آهن ته اهي گاريون ڏيندا آهن، ڪير به هجي گارين تي ردعمل ظاهر ڪندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*