ڪراچي ۾ سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ اڳواڻن تي دهشتگرد حملن جو خدشو آهي,نيشنل ڪائونٽر ٽيريرزم اٿارٽي هاءِ الرٽ جاري

نيشنل ڪائونٽر ٽيريرزم اٿارٽي هاءِ الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگرد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، خواجا اظهار الحسن، آفاق احمد، عامر خان سميت ٻين سياسي اڳواڻن کي نشانو بڻائي سگهن ٿا.

نيڪٽا پاران جاري ڪيل هاءِ الرٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ اڳواڻن تي دهشتگرد حملن جو خدشو آهي.

نيشنل ڪائونٽر ٽئريرزم اٿارٽي سياسي اڳواڻن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، متحده پاڪستان جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن، آفاق احمد، عامر خان، فيصل سبزواري، فيصل واوڊا، علي زيدي ۽ ٻين جا نالا شامل آهن.

نيڪٽا موجب، عام چونڊن جي حوالي سان سرگرمين ۾ رڌل سياسي اڳواڻن تي دهشتگرد حملن جو خدشو آهي، امن دشمن ٽولا پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت مختلف سياسي اڳواڻن کي نشانو بڻائي سگهن ٿا.

نيشنل ڪائونٽر ٽئريرزم اٿارٽي موجب حساس ادارن جي ڄاڻ کانپوءِ لاڳاپيل ادارن کي آگاهي ڏني وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*