ٿاڻي بولاخان ويجهو ڪوهستان جي بااثر شخصيت ملڪ علاوالدين جي بنگلي ڀرسان نوجوان جو تشدد ٿيل ۽ گوليون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو آهي

ٿاڻي بولاخان ويجهو ڪوهستان جي بااثر شخصيت ملڪ علاوالدين جي بنگلي ڀرسان نوجوان جو تشدد ٿيل ۽ گوليون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس قتل جو ڪيس داخل ڪري ملڪ علاوالدين جي پٽ ملڪ بابر ۽ سندس ملازم کي گرفتار ڪري پسٽل هٿ ڪري ورتو آهي.

 ٿاڻي احمد خان ۾ڪوهستان جي بااثر شخصيت ملڪ علاوالدين جي بنگلي ڀرسان شهر جي نوجوان پورهيت 20 سالن جي سھراب پٽ فقير محمد  خاصخيلي جولاش هٿ ڪيو ويو.

اطلاع تي ٿاڻوبولاخان پوليس موقعي تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال ٿاڻوبولاخان منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو.

 پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته فوتي نوجوان کي مٿي ۾  ويجهي کان پسٽل جي گولي لڳل آهي.

 ٻئي طرف فوتي نوجوان جي پيءُ فقير محمد ۽ ڀاءُ  سلطان خاصخيلي  صحافين  سان ڳالھائيندي چيو ته سندن نوجوان مزدوري ڪرڻ لاءِ صبح جو گھران نڪتو هو، نوجوان کي  ملڪ علاو الدين جي پٽ ملڪ بابر فائر ڪري بيگناهه قتل ڪري ڇڏيو.

ٻي طرف ٿاڻوبولاخان پوليس  رات دير سان فوتي جي ڀاءُ سلطان خاصخيلي جي فرياد تي ڪوھستان جي بااثر شخصيت ملڪ علاوالدين جي پٽ ملڪ بابر ، سندس ملازم رحيم ۽ ھڪ اڻڄاتل جوابدار  خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

جڏهن ته ايس ايڇ او ٿاڻوبولاخان  انسپيڪٽر اعجاز ترين موجب ڪيس داخل ڪرڻ بعد  ٻن جوابدارن ملڪ بابر ۽ سندس ملازم محمد رحيم برفت کي قتل ۾ استعمال ٿيل پستول سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*