ميهڙ ۾ڪڪول واهه، رائيٽ ڪئنال سميت 30 واهن ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو

ميهڙ ۾ڪڪول واهه، رائيٽ ڪئنال سميت 30 واهن ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.

ڪڪول واھ، راڄ واھ، قائم شاخ، رائيس ڪينال سميت مختلف واهن ۽ شاخن جي آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد انڊس هاءَ وي تي گاھي مھيسر چوڪ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي نٽھڻ اس ۾ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن سڪندر سوڍر، حميد سومرو، منير سوڍر ۽ ٻين چيو ته  ميهڙ جي سمورن واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي، جڏهن ته شاخن ۽ واهن جي کاٽي نه پئي ڪرائي وڃي.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪري آبادگارن کي معاشي بدحالي کان بچايو وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*