ووٽرن طرفان اميدوارن کان سخت پڇاڻي جو سلسلو جاري آهي

ووٽرن طرفان اميدوارن کان سخت پڇاڻي جو سلسلو جاري آهي، نصرپور ويجهو ووٽرن پ پ  اميدوار ذوالفقار بچاڻي کان سخت پڇاڻو ڪري کيس واپس روانوٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

اين اي 224 ٽنڊي الهيار جو پ پ اميدوار ذوالفقار بچاڻي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڳوٺ قاضي نورمحمد لغاري پهتو ته ڳوٺاڻن کيس گهيري ورتو ۽ سخت پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان ڏھ سال گم هئا، هاڻي ڪيئن آيا آھيو؟

ڳوٺاڻن چيو ته توهان ڏھن سالن ۾ ھڪ ٽڪي جو به ڪم نه ڪرايو آهي، هاڻي چوندون آيون آهن ته اوهان کي اسان جي ياد آئي آهي.

 ڳوٺاڻن جي سخت پڇاڻي دوران سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ان دوران پوليس پهچي ذوالفقار بچاڻي کي وڌيڪ پڇاڻي کان بچائي ورتو.

  ڳوٺاڻن طرفان گو بچاڻي گو جا نعرا لڳائڻ تي ذوالفقار بچاڻي ڀروارن ڳوٺن ۾ وڃڻ جو پروگرام ملتوي ڪري واپس ٽنڊي الهيار روانو ٿي ويو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*