مسلم ليگ ن جي اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته چونڊن کي چوري ڪرڻ ۽ ڌاڙو هڻن لاءِ ڪيس ٺاهيا ويا

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته چونڊن کي چوري ڪرڻ ۽ ڌاڙو هڻن لاءِ ڪيس ٺاهيا ويا، نوازشريف ۽ مريم نواز هر پيشي تي حاضر ٿيا، ڪڏهن به ٻڌڻي ملتوي نه ٿي، هڪ ڪيس کي مختلف عدالتن ۾ هلائي نوازشريف کي چار ڀيرا سزا ٻڌائي وئي، ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، عمران خان کي سهولتون ملڻ ٻٽو معيار آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرويز رشيد چيو ته اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي پر اسان جو وڏو نگران وزير ميڊيا تي نه پيو اچي.

هن چيو ته عمران خان جي ڪنهن ڪارڪن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، رڳو اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ قيد ڪيو ويو آهي.

پرويز رشيد چيو ته عمران خان کي تمام گهڻي سهولت ملي رهي آهي، اهو ٻٽو معيار ڇو آهي،

پرويز رشيد چيو ته پاڪستان جي چونڊن کي چوري ڪرڻ ۽ ڌاڙو هڻڻ لاءِ ڪيس ٺاهيا ويا، هڪ ڪيس ۾ نواز شريف کي چار ڀيرا سزا ڏنا ويا،

هن چيو ته هڪ ئي ڪيس کي مختلف عدالتن ۾ هلايو ويو، پهرين سزا ۾ نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو، ٻي سزا ۾ نوازشريف کي صدارت تان هٽايو ويو،ٽين سزا ۾ کيس تاحيات نااهل قرار ڪيو ويو،

پرويز رشيد چيو ته چوٿون ڀيرو نواز شريف کي 10 سالن جي سزا ، سندس ڌيءُ کي 7 سال ۽ ناٺي کي هڪ سال سزا ڏني وئي، هاڻ هو پنجون ڀيرو سزا لاءِ ڏيهه واپس اچي رهيو آهي.

پرويز رشيد چيو ته هاڻ هر هڪ ڪارڪن نوازشريف بڻجي چڪو آهي، هاڻ ووٽر ووٽ کي چوري ڪرڻ نه ڏيندا،

هن چيو ته اڄ اوهان ڪنٽينر هنيا آهن  ۽ 25 جولاءِ تي به اوهان ووٽ چوري نه ڪري سگهندا.

پرويز رشيد چيوته اسان هر مرحلي مان گذريا آهيون ۽ گذرندا رهنداسين، احتساب ڏنو آهي ۽ احتساب وٺنداسن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*