ڪراچي جِي احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف 462 ارب ڪرپشن ريفرنس ۾ شاهدن کي سڀاڻي تائين تياري لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي

ڪراچي جِي احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف 462 ارب ڪرپشن ريفرنس ۾ شاهدن کي سڀاڻي تائين تياري لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي. ڊاڪٽر عاصم چيو آهي ته نواز شريف جو ڏيهه واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻ سٺو سنوڻ آهي.

احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين جوابدارن خلاف 462 ارب روپين جي ڪرپشن بابت ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي.

ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته نيب پاران هڪ وڌيڪ شاهد شعيب سليم کي پيش ڪيو ويو.

نيب پراسيڪيوٽر شاهد کي تياري لاءِ مهلت ڏيڻ جي استدعا ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.

عدالت نيب جي شاهد کي تياري لاءِ مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هوڏانهن عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته نواز شريف جو ڏيهه واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻ جو فيصلو سٺو سنوڻ آهي.

هن چيو ته ڪڏهن ريل ته ڪڏهن جيل سياست جو حصو آهن، احتساب جو عمل اڻڌريو هئڻ گهرجي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*