ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اورنگي پائليٽ پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان جي قتل ڪيس ۾ وڌيڪ ٻن شاهدن جا بيان قلمبند ڪري ورتا

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اورنگي پائليٽ پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان جي قتل ڪيس ۾ وڌيڪ ٻن شاهدن جا بيان قلمبند ڪري ورتا، جڏهن ته نئين وڪيل وڪالت نامو جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

اورنگي پائليٽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پروين رحمان جي فريادي ڊرائيور جي فوت ٿيڻ کانپوءِ مقتولا جي ڀيڻ ڪيس جي پيروي ڪندي.

مقتولا جي ڀيڻ عقيلا عثمان طرفان صلاح الدين پهنور ايڊووڪيٽ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ وڪالت نامو به جمع ڪرائي ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران استغاثه جي ٻن  شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، جڏهن ته جوابدار عمران سواتي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي.

عدالت ڪيس ٻڌڻي 20 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته پروين رحمان کي 13 مارچ 2013 ۾ آفيس ٻاهران قتل ڪيو ويوهو، سپريم ڪورٽ واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*