سينيٽ جي اجلاس ۾ بنون ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي، نگران گهرو وزير اعظم خان چيو آهي ته هارون بلو جي حياتي کي ڪو به خطرو نه هو

سينيٽ جي اجلاس ۾ بنون ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي، نگران گهرو وزير اعظم خان چيو آهي ته هارون بلو جي حياتي کي ڪو به خطرو نه هو، هو چانهه جي دعوت تي يڪا توت ويو هو ته آپگهاتي حملو ٿيو ۽ 22 ڄڻا شهيد ٿيا.

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو. نگران گهرو وزير اعظم خان هارون بلو جي شهادت جي واقعي بابت رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي.

نگران گهرو وزير اعظم خان اجلاس کي ٻڌايو ته هارو بلور جي حياتي کي ڪو  خطرو نه هو، کيس چانهه جي دعوت تي گهرايو ويو هو، جڏهن  هارون بلور اتي پهتو ته آتشبازي هلي رهي هئي، انهيءَ دوران آپگهاتي حملو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا مارجي ويا ۽ 75 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

نگران گهرو وزير اعظم خان چيو ته ڪجهه اڳواڻن جي حياتي کي خطرو آهي، جنهن جو نيڪٽا ذريعي ٻڌايو ويو آهي.

اجلاس ۾ بنون ڌماڪي جي مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.

اعظم بزنجو چيو ته اڪرم دراني تي حملو ٿيو آهي، تفصيل ٻڌايا وڃن.

اعظم خان چيو ته گهرو سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ڪجه ۾ دير پيش ڪيان ٿيو،

جهازيب جمالديني چيو ته وفاقي وزير کي خبر هئڻ گهرجي ته پشاور ۾ ڇا ٿيو آهي، اسان کي ٻڌائي پر هو بي خبر آهي.

جهانزيب جمالديني  چيو ته پسند جي جماعتن کي آندو پيو وڃي ۽ تجربا ڪيا پيا وڃن.

هن چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ٿريٽس جو اعلان ڪيو ويو آهي، صوبن کي به ٿريٽس آهن ۽ وفاق کي به ٿريٽس آهن،

سينيٽر جهانزيب جمالديني چيوته جڏهن ادارن کي خبر آهي ته سياسي جماعتن کي ٿريٽس آهي ته پوءِ قدم ڇو نه کنيا ويا آهن. سينيٽر ۽ سياسي اڳواڻن کي ٿريٽس آهن. …………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*